ٽيڪچند بهار

ٽيڪچند بهار: معروف فارسي شاعر ٽيڪچند بهار 1689ع ۾ دهليءَ ۾ ڄائو. هو فارسي ۽ اردو جو شاعر ۽ نعت نويس هو. هن فارسي ٻوليءَ کي سکڻ لاءِ ابو الخير خير الله وفائي جي شاگرديءَ اختيار ڪئي. هن جي لکيل ڪتابن ۾ ’بهار عجم‘، ’نوادرالمصادر‘، ’جواهرالحروف‘، ’ابطال ضرورت‘، ’شرح’، ’نصاب‘، ’بديع‘ ۽ ’جواهر الترڪيب‘ اهم تصنيفون آهن.


لفظ ٽيڪچند بهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو